سيد شاهه محمد شاهه

سيد شاهه محمد شاهه

سيد شاهه محمد شاهه

سيد شاهه محمد شاهه: تعليمي ماهر، اديب ۽ شاعر سيد شاهه محمد ولد ارباب علي شاهه 15 ڊسمبر 1917ع تي ڳوٺ هنڱوري، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو محب شاهه وقت جو وڏو ڪامل ولي هو. سندس والد به عربي ۽ فارسيءَ ۾ شعر گوئي ڪندو هو، حافظ شيرازيءَ جي شاعري کيس اڪثر ياد هئي. شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه پرائمري تعليم ڳوٺ مان وٺي، ثانوي تعليم سکر مان حاصل ڪئي. علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي.ٽي جي سند امتيازي نمبرن سان حاصل ڪيائين. جنهن بعد ايم.اي فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ شڪارپور ۽ سکر ضلعي ۾ هيڊماستر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هو سماجي ۽ سياسي ڪارڪن به هو، خاڪسار تحريڪ ۾ به سندس نمايان خدمتون رهيون. سندس خانداني لڳ لاڳاپا جي. ايم. سيد وارن سان به رهيا. هن لائبريري به قائم ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ناياب قلمي نسخا ۽ قرآن پاڪ موجود آهن. گهوٽڪيءَ ۾ ملازمت دوران ذاتي ڪوشش وٺي اتي انٽرميڊئيٽ ڪاليج قائم ڪرايائين، جنهن جو پهريون پرنسپال پاڻ ٿيو. شاهه صاحب اسڪول انسپيڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر به ٿي رهيو. آگسٽ 1961 کان آڪٽوبر 1962ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به مقرر رهيو. ڪيترو عرصي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر ۽ حيدرآباد تعليمي بورڊ جو اڪئڊمڪ رڪن رهيو.
سيد شاهه محمد شاهه اعلى پايي جو شاعر، اديب ۽ نقاد هو. غزل، نظم، مثنوي ۽ قطعات تي خاص غلبو حاصل هئس. شاعريءَ ۾ ’شاد‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس اولاد مان سيد نور احمد شاهه، سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ٻيو فرزند احمد علي شاهه ڊاڪٽر آهي.


لفظ سيد شاهه محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.12.15  عيسوي

تعليمي ماهر، اديب ۽ شاعر سيد شاهه محمد ولد ارباب علي شاهه 15 ڊسمبر 1917ع تي ڳوٺ هنڱوري، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طارق اشرف
خواند مير
شمس سومرو ڊاڪٽر
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
ستيش روهڙا
سيد محمود شاهه بخاري ڊاڪٽر
حجاب امتياز علي
ديپچندر تلوڪچند چندر
صبا دشتياري
پٺاڻ محمد اسماعيل
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون